اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي سمورين سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽي کي پٺ تي پيل علائقن ۾ پنهنجا ڪئمپس کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. سينيٽ جي پٺ تي پيل علائقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين عثمان ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فاٽا ۽ بلوچستان جي شاگردن کي اسڪالر شپ ڏيڻ جي معاملي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن اختيارين ڪميٽي کي ٻڌايو ته فاٽا ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالر شپ ڏني وئي آهي. ڪميٽي هدايتون ڏنيون ته سموريون سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽيون ٿرپارڪر، ليا، بدين، لوڌران، مظفر ڳڙهه ۽ زيارت ۾ پنهنجا ڪئمپس کولين. ڪميٽي ميمبرن بلوچستان جي ڪوڙي ڊوميسائل تي داخلائون ۽ نوڪريون حاصل ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي درخواست داخل ڪرڻ سان گڏ بلوچستان جي ڊوميسائل تي داخلا ۽ نوڪريون حاصل ڪندڙن جا نالا اخبار ۾ شايع ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته سموريون يونيورسٽيون داخلائن وقت بلوچستان جو ڊوميسائل ڏيکاريندڙن جي لاڳاپيل ضلعي مان تصديق ڪن. ڪميٽي ايڇ اي سي جي ترقياتي بجيٽ ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايتون ڪيون ته حڪومت بنا دير ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌائي ساليانو 55 ارب رپيا ڪري. ڪميٽي هدايت ڪئي ته سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ ”انڊوومنٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ عمل ۾ آندو وڃي، انڊوومنٽ فنڊ قائم ٿيڻ سان انهن شاگردن جي مدد ڪئي وڃي، جيڪي فيس نه هجڻ سبب پڙهائي جاري نٿا رکي سگهن.
The post ٿرپارڪر، بدين ۽ ٻين پٺ تي پيل علائقن جي رهواسين لاءِ خوشخبري… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment