اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٽيليفون انڊيسٽريز پاڪستان ( ٽي آءِ پي) جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ بابت ڪيس ۾ حڪم ڏنو آهي ته ٽي آءِ پي، حڪومت ۽ ملازم ڳالهين ذريعي پيڪيج طئي ڪن. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٽي آءِ پي ملازمن کي پڪو ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته ٽي آءِ پي ادارو عملي طور بند ٿي چڪو آهي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ٽي آءِ پي جا فون تمام سٺا هوندا هئا. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٽي آءِ پي جو خسارو 2 اربن کان وڌي ويو آهي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ٽي آءِ پي به اسان لاءِ اڇو هاٿي بڻجي ويو آهي. هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ايئر لائين (پي آءِ اي) ۽ اسٽيل ملز جيان خبر ناهي ته ڪيترا اڇا هاٿي اسان جي بغل ۾ آهن، اهڙن ادارن ۾ هڪ ماڻهو جي ڪم لاءِ سئو ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا آهن. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ٻين ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏنو اٿو ته هنن کي ڇو نه؟ جنهن تي ٽي آءِ پي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ملازمن جي جيتري سروس آهي ايتري بنيادي پگھار ڏينداسين، پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 مهينن لاءِ ملتوي ڪندي ٽي آءِ پي، حڪومت ۽ ملازمن کي ڳالهين ذريعي پيڪيج طئي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ٽي آءِ پي ملازمن اداري جي نجڪاري کانپوءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
The post هڪ ماڻهو جي ڪم لاءِ سئو ڀرتي ڪيا ويندا آهن: سپريم ڪورٽ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment