نواز شريف ضمانت کان اڳ جيل منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

نواز شريف ضمانت کان اڳ جيل منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ضمانت کان اڳ علاج لاءِ اسپتال وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب فضيل اصغر هڪ انٽرويو ۾ چيو ته نواز شريف طبي سهولتن جي فراهمي بابت سندن خط جو زباني جواب ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هو ضمانت کان اڳ علاج لاءِ اسپتال نه ويندو. هن چيو ته نواز شريف جي اسپتال منتقلي لاءِ مختلف شخصيتن ذريعي ڪوشش ڪئي وئي، هن لاءِ اسپتال ۾ فل لوڊڊ ايمبولينس ۽ ڊاڪٽر موجود هوندو آهي، ايمبولينس ۾ زندگي بچائڻ واريون دوائون ۽ طبي سهولتون موجود هونديون آهن، جڏهن ته نواز شريف جي بيرڪ ۾  هڪ خدمتگار کانسواءِ خاص گارڊبه مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو اڳوڻي وزيراعظم جي طبيعت بابت انتظاميه کي آگاهه ڪندو. فضيل اصغر چيو ته  نواز شريف کي صبح کان شام پنجين وڳي تائين گهمڻ جي اجازت هوندي آهي، کيس پنج وڳي بعد سيل ۾ بند ڪيو ويندو آهي.

The post نواز شريف ضمانت کان اڳ جيل منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages