ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون: اسد عمر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون: اسد عمر


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته انسان غلطي ڪندو آهي ۽ مان به غلطي ڪندو آهيان، هڪ وڏي اخبار منهنجي حوالي سان خبر شايع ڪئي ته مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو ۽ عوام جون رڙيون نڪري وينديون. هن چيو ته مان اهي لفظ نه چيا آهن، جيڪڏهن هڪ سال ۾ بجلي ۽ گئس ۾ 600 ارب رپين جو خسارو ڪيون ته خساري جي رقم آصف زرداري يا وري نواز شريف جي اڪائونٽ مان ايندي، مهانگائي ۽ ماڻهو مشڪل ۾ آهن، مشڪل وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون.  ناڻي واري اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف اسان کي چيو ته ڏکيا قدم کڻو، اسان اپاءَ ورتا آهن، اسان آءِ ايم ايف سان ٺاهه جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، آءِ ايم ايف جا ماڻهو هلندڙ مهيني پاڪستان اچي رهيا آهن، مان به آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته ڀارت گهڻي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي پر ايئن نه ٿي سگهيو، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 80 ملين جو اضافو ٿيو آهي، سي پيڪ پروجيڪٽس ۾ هڪ رپيو به گهٽ نه ٿو ڪيو وڃي.

The post ڏکيو وقت ضرور آهي پر عوام جون رڙيون نه نڪرنديون: اسد عمر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages