ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو….. ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو….. ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ڊرونز ذريعي وڻڪاري مهم جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت شهر ۾ وڻڪاري لاءِ ڊرونز جو استعمال ڪيو ويندو. اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته جلد ڊرون ذريعي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو ويندو ۽ اهو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪري رهيا آهيون. واضح رهي ته حڪومت 7 مهينا اڳ گرين پاڪستان مهم جي شروعات ڪئي هئي، جنهن تحت سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري اسلام آباد ۾ ٻوٽو پوکيو هو.

The post ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو….. ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ پاڪستان جي وڏي ڪاميابي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages