ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل فور جي فائنل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته ميچ دير سان شروع ٿيڻ سبب ڊيو فيڪٽر ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پشاور زلمي کي گهٽ کان گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جڏهن ته ٽيم ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي. ڊيرن سيمي چيو ته اسان گهٽ ۾ گهٽ 180 رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جڏهن ته فائنل ۾ چيز ڪندڙ ٽيم تي دٻاءُ هوندو آهي.
The post پي ايس ايل فائنل: ڪوئيٽا جو ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment