وزيراعظم طرفان گئس بلن جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو حڪم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, March 18, 2019

وزيراعظم طرفان گئس بلن جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو حڪم


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان گئس بلن ۾ اضافي جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ رقم مخصوص ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  ذريعن موجب گئس بلن ۾ اضافي جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان رقم مخصوص ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گئس بلن جي اضافي رقم واپس ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت کي 50 ڪروڙ رپيه جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گئس بلن ۾ اضافي جي رقم مرحليوار واپس ڪئي ويندي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان طرفان هلندڙ سال جون تائين سموري اضافي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ بلنگ جي رقم ٽن مرحلن ۾ واپس ڪئي ويندي. سوئي ناردرن ڪمپني پهرين مرحلي ۾ پنج ڪروڙ رپيه صارفين کي واپس ڪندي.

The post وزيراعظم طرفان گئس بلن جي رقم واپس ڪرڻ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو حڪم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages