ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راڳي عاصم اظهر چيو آهي ته هانيا اهو انسان آهي جنهن منهنجي زندگي ۾ گھڻي خوشگواري ۽ هاڪاري شيون آنديون آهن. اداڪارا هانيا عامر ۽ راڳي عاصم اظهر وچ ۾ وڌندڙ دوستي گذريل ڪيترن ڏينهن کان ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، خاص ڪري فيشن پاڪستان ويڪ ۾ ريمپ تي واڪ دوران ٻنهي جي خوبصورت ڪيمسٽري مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن. سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي جوڙي کي گھڻو پسند ڪيو ويو. ان کان علاوه هانيا عامر ۽ عاصم اظهر اڄ ڪالهه گڏ نظر اچي رهيا آهن. ڀلي ڪنهن دوست جي شادي هجي، سالگرهه جو ڏينهن هجي يا پرڏيهه سير ٻئي گڏ نظر اچي رهيا آهن، آخرڪار عاصم اظهر هانيا عامر سان دوستي تي خاموشي ٽوڙيندي هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته هانيا عامر سان لاڳاپن بابت ڪجهه نٿو چئي سگھان پر ان سوال تي منهنجي دل گھڻي تيزي سان ڌڙڪي رهي آهي، مونکي ائين لڳندو آهي ته هوءِ اها انسان آهي جنهن منهنجي زندگي لاءِ گھٽيون هاڪاري شيون آنديون آهن، ۽ جڏهن به هانيا سان گڏ هوندو آهيان ته سٺو محسوس ڪندو آهيان. سندس چوڻ هو ته اهڙي انسان سان گڏ هجڻ جيڪو هر ڪم ۾ توهان جي حوصلا افزائي ڪري، سٺو احساس آهي. آئون هانيا جي گھڻي عزت ڪندو آهيان هانيا سان دوستي بابت ڪجهه نٿو چئي سگھان.
The post هانيا منهنجي زندگي ۾ خوشگوار تبديلين جو سبب آهي: راڳي عاصم اظهر appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment