راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايس پي آر پاڪستان جي ڏهاڙي بابت هر پاڪستاني جي آواز پاڪستان زنده آباد جي عنوان سان ٻيو پرومو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٻيو پرومو جاري ڪيو ويو آهي جنهن جو عنوان هر پاڪستاني جو آواز پاڪستان زنده آباد رکيو ويو آهي. 13 مارچ تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو هو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي پريڊ جو سلوگن پاڪستان زنده آباد هوندو جڏهن ته ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير بن محمد پريڊ جو خاص مهمان هوندو .
The post هر پاڪستاني جو آواز پاڪستان زنده آباد، پاڪستان جي ڏهاڙي جو ٻيو پرومو جاري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment