پنجاب اسيمبلي ميمبرن ۽ وڏي وزير جي پگهارن ۾ اضافو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

پنجاب اسيمبلي ميمبرن ۽ وڏي وزير جي پگهارن ۾ اضافو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير ۽ پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ سهولتن ۾ اضافو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. چوڌري شعيب سليم ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافو غير قانوني آهي،  وزيراعظم ملڪ هلائڻ لاءِ ٻين ملڪ کان قرض وٺي رهيو آهي.  درخواست ۾ چيو ويو ته  پنجاب حڪومت اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ ٽي سئو سيڪڙو اضافو ڪري رهي آهي، عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب پريشان آهي. درخواست ڪندڙ اپيل ڪئي ته وڏي وزير ۽ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جو بل ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

The post پنجاب اسيمبلي ميمبرن ۽ وڏي وزير جي پگهارن ۾ اضافو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages