پي ايس ايل  ايليمنيٽر ۾ اڄ اسلام آباد ۽ ڪراچي آمهون سامهون ٿيندا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, March 14, 2019

پي ايس ايل  ايليمنيٽر ۾ اڄ اسلام آباد ۽ ڪراچي آمهون سامهون ٿيندا


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 4 جو ايليمنيٽر ميچ ۾ اڄ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگ آمهون سامهون ٿيندا. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ شام 7 وڳي ٻنهي ٽيمن ۾ دلچسپ ٽاڪرو ٿيندو ۽ ناڪام ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويندي. شوقينن کي ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ۾ ڪولن، عمر خان، محمد عامر ۽ شاهين شنواري مان گھڻيون اميدون آهن جڏهن اسلام آباد يونائيٽڊ ۾ ڪاميابي لاءِ شوقينن جون نظرون ليوڪ رونگي، شاداب خان، ڪيمرون ڊيلپورٽ ۽ فهيم اشرف تي لڳل آهن. ٻئي ٽيمون ايونٽ جا پنچ،پنج ميچ کٽي چڪيون آهن ۽ ٻنهي وٽ ڏهه، ڏهه پوائنٽ آهن پر پوائنٽس ٽيبل تي اسلام آباد ٽين ۽ ڪراچي چوٿين نمبر تي آهي.

The post پي ايس ايل  ايليمنيٽر ۾ اڄ اسلام آباد ۽ ڪراچي آمهون سامهون ٿيندا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages