اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، صوبائي وزيرن ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ سهولتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب اسيمبلي طرفان وڏي وزير، وزيرن، اسيمبلي ميمبرن جي سهولتن ۽ پگهارن ۾ اضافي جي فيصلي تي مايوس ٿيو آهيان. هن چيو ته اهڙي قسم جي فيصلن جو ڪو دفاع نه ٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته عوام کي بنيادي ضرورتن جي فراهمي تائين فيصلو نامناسب آهي، ملڪ ۾ خوشحالي هجي ته اهڙي قسم جي فيصلن جو ڪو جواز ناهي.
The post پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ تي وزيراعظم ناراض appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment