ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) اسپيشل اولمپڪس راندين جي افتتاحي تقريب ابوظهبي ۾ ٿي گذري، راندين جي باقاعدا شروعات اڄ کان ٿيندي. پاڪستان جو 92 رڪني دستو به مقابلو ۾ شريڪ آهي. گڏيل عرب رياستن ۾ 15 اسپيشنل اولمپڪ رانديون اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن. ابوظهبي ۾ ٿيندڙ رنگ برنگي افتتاحي تقريب ۾ هڪ سئو ستر ملڪن جي رانديگرن شرڪت ڪئي. پاڪستان جو 92 رڪني دستو به مقابلن ۾ شريڪ آهي. افتتاحي تقريب ۾ مقامي ۽ پرڏيهي فنڪارن به پرفارم ڪيو. سموري دنيا مان ست هزار اسپيشل ايٿلٽس جوويهن راندين ۾ ٻلا کٽيندا. اسپيشل اولمپنڪ گيمون 21 مارچ تائين ابوظهبي ۾ جاري رهنديون.
The post ابوظهبي ۾ اسپيشل اولمپڪ گيمن جي شروعات، پاڪستاني دستو به شريڪ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment