ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ ٻن مسجد تي دهشتگرداڻي حملي ۾ 40 کان وڌيڪ نمازين جي شهادت جتي سموري دنيا کي جهنجوڙي ڇڏيو آهي اتي پاڪستاني ڪرڪيٽ ۽ شوبز اسٽارن به حملي جي ڀرپور مذمت ڪندي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. نالي واري راڳي علي ظفر به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسجد ۾ عبادت دوران معصوم مسلمانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪندڙ شخص جي ويڊيو ڏٺي، اها منهنجي زندگي جي سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ ويڊيو آهي.اداڪارا ماورا حسين به ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد حملي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عبادت ڪرڻ واري هنڌ تي معصوم ماڻهن تي حملو ڪو ڪيئن تو ڪري سگھي. اهڙن ماڻهن جو واسطو ڪنهن مذهب سان ٿي سگھي ٿو؟. جڏهن ته اداڪار فيصل قريشي ان دهشتگرداڻي حملي جي پرزور مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو.
The post شوبز اداڪارن پاران ڪرائسٽ چرچ واقعي جي ڀرپور مذمت appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment