واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پري وارن علائقن ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويندا آهن. ان ضرورت تحت “آن ميڊ اسٽيشن” ٺاهيو ويو آهي جيڪو ڪنهن ٽيليفون بوٿ يا جديد دڪان جيان نظر ايندو آهي. ان ۾ ڊاڪٽرن سان رابطي جو نظام، سينسر ۽ دوا ڏيڻ وارو پاڻ مرادو ڊسپينسر نظام موجود آهي. ڀوٿ جي اندر ويندي ئي وڏي اسڪرين ۽ ڪيمرا آڏو مريض ويهندو آهي ۽ پري ويٺل ڊاڪٽر ايڇ ڊي ڪيمرا ذريعي مريض جو معائنو ڪندو آهي، ۽ هن سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو آهي. ڪنهن سائسن فڪشن فلم جيان پري موجود ڊاڪٽر آڊيو ۽ ويڊيو ماس انڊيڪس (بي ايم آءِ)، پلڊ پريشر، ساهه کڻڻ جي عمل، رت ۾ آڪسيجن جي مقدار ۽ ٻين شين کي نوٽ ڪندو آهي. ۽ ڪنهن انفيڪشن يا بخار وغيرهه کي ماپڻ لاءِ ٿرمل تصويرون به ڪڍندو آهي. انهن سڀني شين کي ڏسي ڊاڪٽر بهتر فيصلو ڪندو آهي.“آن ميڊ اسٽيشن” ۾ ڪيتريون ئي دوائون موجود آهن جيڪي ڪنهن اي ٽي ايم جيان مريض تائين پهچنديون آهن. گھربل دوا موجود نه هجڻ جي صورت ۾ مشين پرچي تي دوا جو نالو ۽ مقدار ڇاپي مريض کي فراهم ڪندي آهي ته جيئن هو ڪنهن دڪان تان وٺي سگھي. دوائون مڪمل طور بند ۽ محفوظ آهن ۽ ڪو به ڊاڪٽر جي اجازت کان سواءِ دوا کي ان مان نٿو ڪڍي سگھي. مريض جي ڄاڻ کي ڳجهو رکڻ لاءِ خاص انتظام اٿس. جيئن ئي مريض بوٿ ۾ ويندو آهي، ان جو دروازو بند ٿي ويندو آهي ۽ ڊاڪٽر سان ڳالهائيندي مريض جو آواز به ٻاهر ناهي ويندو. اهو دروازو محفوظ ۽ آٽوميٽڪ آهي. ان ۾ مريض جي سڄاڻپ لاءِ ٿري ڊي نظام به آهي. پر ان کي آمريڪا ۾ مصروف هنڌن مثلن هوائي اڏن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي استعمال ڪيو ويندو . ان جا فائدا ثابت ٿيڻ بعد ئي ان جديد ڪلينڪ کي ٻين هنڌن تي لڳايو ويندو.
The post ڊاڪٽر پري، پر معائنو ڪندڙ ۽ دوان ڏيندڙ “فون بوٿ” موجود appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment