فواد چوڌري جي پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جي حمايت بعد يوٽرن - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, March 14, 2019

فواد چوڌري جي پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جي حمايت بعد يوٽرن


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٽوئٽ بعد يوٽرن ورتو. اسلام آباد بار ۾ وڪيلن جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي جڏهن ته صحافي صحافي فواد چوڌري کان پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ سهولتن ۾ اضافي جي فيصلي بابت پڇا ڪئي ته هن کليل حمايت ڪئي.  فواد چوڌري چيو ته منهنجو خيال آهي ته اسيمبلي ميمبرن جي پگهار گهٽ هئي، 80 هزار رپيه هر مهيني اسيمبلي ميمبرن جي پگهار هئي جيڪا ڏيڍ لک رپيه ڪئي وئي آهي.  هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي نموني پگهار نه وڌائي وڃي ها ته مڊل ڪلاس وارا اليڪشن ئي نه وڙهندا. هن چيو ته توهان چئو ته ايم پي اي يا ايم اين اي پگهار ئي نه وٺي ته اهڙي نموني توهان مڊل ڪلاس وارن کي سياست مان ئي آئوٽ ڪندا.  وزيراعظم جي ٽوئٽ بعد وفاقي وزير پنهنجو موقف ئي تبديل ڪيو ۽ هن به يوٽرن وٺندي پنجاب جي وڏي وزير ۽ اسيمبلي ميمبرن طرفان پاڻ کي نوازڻ کي وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسي ابتڙ قرار ڏنو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي پاليسي جو مذاق اڏايو ويو آهي، اميد آهي ته پاليسي تي فوري نظرثاني ڪئي ويندي.

The post فواد چوڌري جي پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جي حمايت بعد يوٽرن appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages