واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي عورت سوڪر ٽيم جي رانديگرياڻي ورلڊ چيمپيئن هجڻ باوجود پنهنجي معاوضي ۾ واڌ لاءِ عدالت پهچي وئي. آمريڪي عورت سوڪر ٽيم يو ايس سوڪر فيڊريشن تي ڪيس داخل ڪندي پنهنجو معاوضو مرد سوڪر رانديگر جي برابر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عدالت ۾ ڏنل درخواست ۾ 28 عورت رانديگرياڻين چيو آهي ته فيڊريشن طرفان هنن کي چيو ويو ته ڪاروباري حقيقتون اهي آهن ته عورتون مردن جي برابر معاوضي جون حقدار ناهن. رانديگرياڻين اهو به چيو ته هنن مردن ٽيم جي ڀيٽ ۾ گھڻا مقابلا کيڏيا آهن جڏهن ته هنن جي ڪري ئي فيڊريشن کي گھڻو فائدو ٿيو. عورتن جي گھٽ معاوضي جو مسئلو رڳو ايستائين محدود ناهي، انٽرنيشنل فٽبال ايسوسيئيشن فيفا ۾ به ان حوالي سان بدترين جنسي فرق موجود آهي جتي مردن جي 32 ٽيمن کي 40 ڪروڙ ڊالر ادا ڪيا ويندا آهن ان جي ڀيٽ ۾ عورتن جي ٽيمن کي رڳو 3 ڪروڙ ڊالر ڏنا ويندا آهن. آمريڪا جي عورت سووڪر ٽيم ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا فيڊريشن کان هڪ جيترو معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پر هر دفعي هنن جو مطالبو رد ڪيو ويو. 2016ع ۾ ٿيل هڪ اهڙي ئي ڪيس ۾ هڪ وفاقي جج چيو هو ته مطالبا پورا نه ٿين جي صورت ۾ رانديگرياڻيون هڙتال جو خيال پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏن، ۽ هنن کي 2021ع تائين هڙتال ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. هاڻوڪي ڪيس کان پوءِ ڊيزائن ڪمپني ايڊيڊس چيو آهي ته انهن جون اسپانسر ڪيل اهي سڀئي رانديگرياڻيون جيڪي فيفا وومن ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارينديون انهن کي مرد رانديگرن جي برابر بونس ڏنو ويندو. عورت سوڪر رانديگرياڻين کي اميد آهي ته هن ڀيري هو اهو ڪيس ضرور کٽينديون ۽ پنهنجي هڪ جيتري معاوضي جو حق حاصل ڪري رهنديون.
The post آمريڪا جي سوڪر رانديگرياڻي سوڪر فيڊريشن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment