لاهور ( ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ساهيوال سانحي ببات عدالتي ڪميشن بڻائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ساهيوال سانحي بابت عدالتي جاچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. واقعي جي جاچ ڪندڙ جج شڪيل احمد گورائيا عدالتي جاچ جي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي جيڪا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران ساهيوال سانحي جي متاثرن واقعي تي جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست ڪئي پر چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ متاثرن جي درخواست رد ڪندي متاثرن جي وڪيل کي چيو ته جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ وفاقي سرڪار جو ڪم آهي، اهو هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جي دائري ۾ نه ٿو اچي. وڪيل ان موقعي تي ماڊل ٽائون سانحي لاءِ جڙجندڙ جوڊيشل ڪميشن جو حوالو به ڏنو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته جوڊيشل ڪميشن اسان کي نه ٺاهڻي آهي توهان دليل ڏيڻ چاهيو ته ڏئي سگهو ٿا.
The post ساهيوال سانحي بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي درخواست رد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment