فواد خان جي فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” بابت بري خبر اچي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, March 18, 2019

فواد خان جي فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” بابت بري خبر اچي وئي


لاهور (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” جي پروڊيوسر کي فلم جو نالو، ڪردار ۽ مڪالمن جي استعمال کي ايندڙ حڪم تائين روڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾فلم“دي ليجنڊ آف مولا جٽ” ٺاهڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته فلم ملاجٽ بابت سڀئي حق هن سندس  وٽ موجود آهن پر بلال لاشاري غير قانوني طور تي فلم مولا جٽ جو ري ميڪ ٺاهيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته  ڪاپي رائٽ قانون تحت بلال لاشاري پنهنجي فلم ۾ مولا جٽ، ڪردار ۽ ڊائلاگ استعمال نٿو ڪري سگھي اسان جي اجازت کان سواءِ نه رڳو هن فلم جو نالو  استعمال ڪيو آهي پر فلم جا ڪردار ۽ ڊائلاگ به استعمال ڪيا پيا وڃن. عدالت فلم مولا جٽ جي ٽائيٽل، ڊائلاگ، ڪردار ۽ نالو استعمال ڪرڻ کان روڪيندي امتناعي حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿيڻي هئي. فلم ۾ فواد خان مولا جٽ جڏهن ته حمزا علي عباسي نوري نٿ جي ڪردار ۾ نظر ايندو، 70 جي ڏهائيءَ ۾ ٺهندڙ فلم “مولاجٽ” ۾ اهي ٻئي ڪردار ليجنڊ اداڪارن سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي ادا ڪيا هئا.

The post فواد خان جي فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” بابت بري خبر اچي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages