لاهور (ويب ڊيسڪ) راڳي علي ظفر ڳائڻي ميشا شفيع خلاف داخل ڪيل ڪيس جو جلد کان جلد فيصلو ٻڌائڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، ميشا شفيع علي ظفر تي هيسائڻ جو الزام مڙهيو هو. اها درخواست علي ظفر جي وڪيل رانا انتظار پاران سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪراِئي وئي آهي. علي ظفر ڳائڻي ميشا شفيع خلاف ڪوڙا الزام لڳائڻ جي دعويٰ ڪري رکي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڪيس هڪ سال کان ٻڌڻي هيٺ آهي، ميشا شفيع مختلف طريقن سان ڪيس کي دير جو شڪار ڪري رهي آهي، عدالت هڪ مهيني اندر ان جو فيصلو ٻڌائي. عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ميشا شفيع کي 19 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو .
The post علي ظفر طرفان ميشا شفيع خلاف ڪيس جو فيصلو جلد ڏيڻ جي درخواست appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment