راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي شهر جڙوان راولپنڊي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻن نواجوانن جا مڙهه چڪري روڊ تان مليا آهن جن کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ۽ هڪ نوجوان ثاقب بنگش کي راولپنڊي جي علائقي سيٽيلائٽ اي بلاڪ ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته چڪري روڊ تان ملندڙ لاشن تي تشدد جا نشان آهن پر قتل جو اصل سبب پوسٽ مارتم رپورٽ اچڻ بعد ئي سامهون اچي سگھندو. لاشن کي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. چڪري روڊ جو واقعو ٿاڻي صدر جي حدن ۾ پيش آيو آهي ۽ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي پر مقتولن جي سڄاڻپ ناهي ٿي سگھي. راولپنڊي جي علائقي سيٽلائٽ ٽائون اي بلاڪ ۾ ٿيندڙ قتل کان بعد صادق آباد ٿاڻي جي پوليس موقعي تي پهچي ثبوت ۽ شاهد گڏ ڪيا آهن جڏهن ته واقعي جو ڪيس في الحال داخل ناهي ٿي سگھيو.
The post راولپنڊي ۾ 3 نوجوان قتل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment