نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملا، بنگلاديشي ڪرڪيٽر محفوظ ، رانديگرن جو ردي عمل - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملا، بنگلاديشي ڪرڪيٽر محفوظ ، رانديگرن جو ردي عمل


ڪرائسٽ چرچ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ سبب 40 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي آهن جڏهن ته دوري تي موجود بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم معجزاڻي طور بچي وئي. جنهن بعد مختلف ملڪن جي ڪرڪيٽرن طرفان بيان اچڻ جو سلسلو جاري آهي.  دهشتگرد حملي ۾محفوظ رهندڙ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مشفيق الرحيم پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو آهي ته ڪرائسٽ چرچ جي مسجد ۾ فائرنگ ٿي، الله جي شڪر سان اسان محفوظ آهيون، اسان تمام گهڻو خوش نصيب آهيون، ٻيهر اهڙي صورتحال نٿا ڏسڻ چاهيون. اسان لاءِ دعا ڪيو. بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان تميم اقبال به ٽوئيٽ ڪئي ۽ ٻڌايو ته سموري ٽيم حملي ۾ محفوظ آهي، اسان کي دعائن ياد رکو.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ ڏکوئيندڙ واقعي پيش آيو، مان سدائين نيوزيلينڊ کي محفوظ ترين، پرامن ۽ دوست ملڪ طور ڏٺو آهي. شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته واقعي کان پوءِ تميم اقبال سان رابطو ڪيو آهي ۽ بنگلاديشي ڪرڪيٽرن جي محفوظ رهڻ تي اطمينان محسوس ڪري رهيا آهيون، نفرتون ختم ڪري دنيا کي هڪ ٿيڻو پوندو ، دهشتگرد جو ڪو به مذمب ناهي. اڳوڻي پاڪستاني فاسٽ بالر شعيب اختر چيو ته ڪرائسٽ چرچ جي مسجد اندر فائرنگ جي ويڊيو ڏسي وڏو صدمو رسيو آهي، ڇا اسان عبادت گاهن ۾ به محفوظ ناهيون، آئون دهشتگرد حملي جي مذمت ڪيان ٿو، خوشي آهي ته بنگلاديشي ڪرڪيٽر محفوظ آهن. اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ڪمار سنگاڪارا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڪرائسٽ چرچ ۾ فائرنگ جو ٻڌي ڌچڪو لڳو آهي، منهنجون سموريون همدرديون متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهن. سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان مهيلا جي ورڌني  ڪراسٽ چرچ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجون دعائون متاثر خاندانن سان گڏ آهن.

The post نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملا، بنگلاديشي ڪرڪيٽر محفوظ ، رانديگرن جو ردي عمل appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages