اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب بار ڪائونسل کانپوءِ اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار طرفان به سيشن ڪورٽ کان 22 اي ۽ 22 بي جو اختيار واپس وٺڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي. بار ايسوسيئيشن ۽ بار ڪائونسل نئين عدالتي پاليسي تي خدشن جو اظهار ڪندي سيشن ڪورٽ کان 22 اي ۽ 22 بي جو اختيار واپس وٺڻ تي احتجاج ڪيو آهي. فيصلي خلاف پنجاب بار ڪائونسل طرفان به هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿي رهيا آهن. پنجاب بار ڪائونسل جي وائس چيئرمين چيو ته عدالتي پاليسي 2019ع تي نظرثاني ڪئي وڃي، سينئر وڪيلن سان مشوري بعد عدالتي پاليسي جوڙي وڃي. اسلام آباد بار جي سيڪريٽري چيو ته اسلام آباد بار نئين عدالتي پاليسي جي فوري واپسي جو مطالبو ڪري ٿي، فيصلي سان پوليس جي هڪ هٽي قائم ٿيندي، 22 اي ۽ بي جو اختيار سيشن ڪورٽ کان واپس وٺڻ سان ڪرپشن جو رستو کلندو، 22 اي ۽ 22 بي جي واپسي تائين وڪيل احتجاج جاري رکندا. هوڏانهن پاڪستان بار ڪائونسل ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت عدليه جو اختيار بحال ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن ۾ اختيار بحال نه ٿيا ته مستقبل جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.
The post سيشن ڪورٽ کان 22 اي ۽ بي جو اختيار واپس وٺڻ تي وڪيل سراپا احتجاج appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment