دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان مسلمانن جو ٿيو آهي: چوڌري سرور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان مسلمانن جو ٿيو آهي: چوڌري سرور


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته پاڪستان زراعت سان ئي بيروزگاري ختم ڪري سگهي ٿو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان مسلمانن جو ٿيو آهي.  لاهور ۾ زرعي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چوڌري سرور چيو ته جڏهن اسان مخالف ڌر ۾ هئاسين ته چيو هو ته پاڪستان زراعت ذريعي ئي ملڪ مان بيروزگاري ختم ڪري سگهي ٿو،  جيڪڏهن ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته بيروزگاري ختم ڪرڻي پوندي، اهو ڪم رڳو آبادگار ئي ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته 70 سالن دوران ڪنهن حڪومت زراعت جي شعبي ۾ ڪم نه ڪيو آهي، آبادگارن کي سهولتون ڏيڻ لاءِ اسان جي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪندي. پنجاب جي گورنر چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج اسان جي گهٽ ايڪسپورٽ آهي، اسان جو سمورو ڌيان ايڪسپورٽ وڌائڻ تي آهي، اسان پنهنجي ايڪسپورٽ کي ٻيڻو ڪرڻ چاهيون ٿا.  هن چيو ته نيوزيلينڊ ۾ ٿيل دهشتگردي تي سموري دنيا متحد آهي، مسلمانن سان سهڪار تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون.

The post دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان مسلمانن جو ٿيو آهي: چوڌري سرور appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages