نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ اڇي رنگ جي عيسائي دهشتگرد پاران جمعي نماز دوران مسلمانن تي فائرنگ ڪري 50 بي ڏوهه ۽ معصوم مسلمانن کي شهيد ڪرڻ واري واقعي جتي سموري دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. اتي ئي مسلمانن جي قتل عام تي سموري دنيا سوڳ ۾ ورتل آهي جڏهن ته هالي ووڊ فنڪارن به مسلمانن جي ايڪي جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. آمريڪي ڳائڻي هيلسي دهشتگردي جي ان واقعي کان پوءِ سموري دنيا جي مسلمانن اسان ايڪي جو اظهار ڪندي ڪرائسٽ چرچ ۾ رهندڙ مسلم براداري ۽ سڄي دنيا ۾ موجود مسلمانن کان معافي گهرندي چيو آهي ته آئون سوچي به نٿي سگهان ته ڪيئن ڪو انسان عبادت واري جاءِ تي ائين ڪري سگهي ٿو، منهنجي دل ۽ سموري دنيا جو دل اوهان سان گڏ آهي اميد ڪنديس ته هاڻ ماڻهو پنهنجي پاڙيسڙين سان گڏ وڌيڪ بهتر نموني ۽ رحمدلي سان پيش ايندا. هيلسي چيو ته اسلام فوبيا ( اسلام سان نفرت يا اسلام مخالف جذبا ) کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، اهو تمام گهڻو ڀوائتو آهي، اسان کي هڪ ٿيڻ جي ضروت آهي، هيلسي پنهنجي سمورن مسلمان چاهيندڙن کي چيو ته جيڪڏهن هن وقت اوهان اڪيلائپ محسوس ڪري رهيا آهي ته مان اوهان کي چوڻ چاهينديس ته آئون اوهان سان گڏ آهيان. نامياري آمريڪي ماڊل ۽ ٽي وي جي مشهور شخصيت ڪائيلي جينز به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي نيوزيلينڊ ۾ ٿيل دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ان واقعي منهنجو دل ٽوڙي ڇڏيو، ان سان گڏ ئي هن شهيدن جي گهر ڀاتين ۽ سموري دنيا جي مسلمان برادري لاءِ صبر جي دعا ڪئي. آمريڪي راڳي، ڪمپوزر، پروڊيوسر ۽ اداڪار جون ليجنڊ به سوشل ميڊيا تي ڪرائسٽ چرچ واقعي کي خوفناڪ قرار ڏيندي چيو ته هتي ۽ پرڏيهه ۾ اڇي رنگ جي برتري جي دهشتگردي واري تحريڪ مذمت جوڳي آهي اسان کي انهن خلاف متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار آرنلڊ شوازينگر ڪرائسٽ چرچ جي شهيدن سان ايڪي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي متاثرن جي گهر ڀاتين ۽ نيوزيلينڊ جي عوام سان گڏ آهي، اها دهشتگردي جي ڀوائتي ۽ بدترين ڪارروائي هئي جڏهن ته مان ۽ سموري دنيا اوهان سان گڏ بيٺل آهي.
The post هالي ووڊ اداڪارن طرفان نيوزيلينڊ حملن جي سخت مذمت، شهيد مسلمانن سان ايڪي جو اظهار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment