هالي ووڊ فلم “ڪيپٽن مارول” پاڪستان ۾ رليز نه ٿيندي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

هالي ووڊ فلم “ڪيپٽن مارول” پاڪستان ۾ رليز نه ٿيندي


لاهور (ويب ڊيسڪ) شوقينن کي پاڪستان جي سينيما گھرن ۾ هالي ووڊ جي مشهور فلم “ڪيپٽن مارول” جي رليز ٿيڻ جو بي صبري سان انتظار هو پر سينيما مالڪن فلم کي رليز نه ڪرڻ جي بري خبر ٻڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب فلم ڪيپٽن مارول پاڪستان ۾ نمائش لاءِ پيش نه ڪئي ويندي. ڊسٽري بيوٽر پاڪستان ۾ فلم جي رليز نه ٿيڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته فلم ٺاهيندڙ ڪمپني ڊزني پاڪستان کي ڪيپٽن مارول رليز ڪرڻ جا رائٽس ناهن ڏنا.  واضح رهي ته ڪيپٽن مارول رليز جي شروعاتي 3 ڏينهن ۾ 44 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني 62 ارب رپيا ڪمايا هئا.

The post هالي ووڊ فلم “ڪيپٽن مارول” پاڪستان ۾ رليز نه ٿيندي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages