ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني اداڪار مهوش حيات جي نئين فلم ” ڇلاوا “ جو پوسٽر بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور جي فلم ” ڊولي ڪي ڊولي “ جي پوسٽر جي نقل نڪتو. فلمساز ۽ هدايتڪار وجاهت رئوف هلندڙ مهيني ۾ پنهنجي ٽئين فلم ڇلاوا ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ اداڪارا مهوش حيات ۽ اظفر رحمان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته وجاهت رئوف اڄ سماجي رابطن واري فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي فلم جو پوسٽر شئير ڪيو جنهن مهوش حيات جي پهرين جهلڪ منظر عام تي اچي وئي آهي. فلم جي پوسٽر مان اها خبر پئي ته مهوش حيات زويا نالي شرارتي ڇوڪريءَ جو ڪرادر ادا ڪري رهي آهي . پر فلم جي پوسٽر کي ڏسندي ئي اها خبر پوي ٿي ته اهو سونم ڪپور جي 2015ع ۾ ريليز ٿيل فلم ڊولي ڪي ڊولي تان نقل ڪيو ويو آهي. فلم ڊولي ڪي ڊولي جي پوسٽر ڏسي سگهجي ٿو ته سونم ڪپور کي جوگر جوتن سان گڏ جهلملائيندڙ لهنگو پاتل آهي ۽ هوءَ هٿن ۾ چوڙيون کڻڪائي رهي آهي، پوسٽر ۾ اداڪارا شرارتي پوز ڏنو آهي. اهڙي صورتحال فلم ڇلاوا جي پوسٽر ۾ ڏسي سگهجي ٿي ته مهوش حيات به رنگين لهنگي سان جوگرز پاتا آهن ۽ ٻه رنگي چوڙيون پڻ واضح طور نظر اچي رهيون آهن. جيڪڏهن فلم جي ڪهاڻي به بالي ووڊ فلم تان نقل ڪئي وئي آهي ته ممڪن آهي ته وجاهت رئوف جي فلم ڇلاوا عيدالفطر تي ريليز ٿيندڙ ٻن وڏين فلمن ” ليجنڊ آف مولا جٽ “ ۽ ” رونگ نمبر 2“ جي اڳيان ناڪام ٿي ويندي. فلم جي موسيقي شيراز اوپل ترتيب ڏني آهي جڏهن ته هدايتڪاري کان وٺي فلم جو اسڪرپٽ تائين وجاهت رئوف جي محنت شامل آهي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ زارا نور صديقي، اسد صديقي، عاشر وجاهت ۽ محمود اسلم شامل آهن.
The post مهوش حيات جي فلم ”ڇلاوا “ جو سونم ڪپور جي” ڊولي ڪي ڊولي “ سان ڪهڙو واسطو؟ appeared first on Awami Awaz.

No comments:
Post a Comment