حڪومت نواز شريف کي پلي بارگين ذريعي ٻاهر وڃڻ جي آڇ ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

حڪومت نواز شريف کي پلي بارگين ذريعي ٻاهر وڃڻ جي آڇ ڪري ڇڏي


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت نواز شريف کي پلي بارگين ذريعي ٻاهر وڃڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جي فيملي زور ڀري رهي آهي ته کيس علاج لاءِ لنڊن موڪليو وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي صحت بابت اجلاس ٿيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي صحت جي خرابي بابت اطلاع مليا ۽ هئا شڪايت هئي ته نواز شريف جو ساهه منجهي رهيو آهي. هن چيو ته اسپتالن ۾ نواز شريف جي طبي چڪاس ڪئي وئي، ان حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم جي علاج بابت پنجاب حڪومت کي هدايتون جاري ڪيون آهن.  سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي 22 جنوري تي پي آءِ سي منتقل ڪيو، کيس ڪڊني جو مسئلو آهي، نواز شريف جي فيملي زور ڀري رهي آهي ته کيس علاج لاءِ لنڊن موڪليو وڃي. فواد چوڌري چيو ته نواز شريف پاڪستان ۾ علاج نه ٿو ڪرائڻ چاهي، سندس صحت بابت حڪومت جي نيت صاف آهي، کيس هر قسم جو علاج ڪرائڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته  پنجاب حڪومت نواز شريف جي علاج ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي، نواز شريف درخواست رد ٿيڻ تي عدالت کان ناراض ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان لفٽر کان ڪريو پرڏيهه وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته هتي علاج ڪرائيندس، نواز شريف ۽ شهباز شريف جيتريون اسپتالون ٺاهيون آهن کين ڪنهن تي اعتبار ناهي.  فواد چوڌري چيو ته نواز شريف پلي بارگين ذريعي پرڏيهه وڃي سگهي ٿو، صحت جو بهانو بڻائي احتساب روڪي نه ٿو سگهجي.

The post حڪومت نواز شريف کي پلي بارگين ذريعي ٻاهر وڃڻ جي آڇ ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages