پاڪ فوج جي ترجمان طرفان پي ايس ايل فائنل کيڏندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواشن جو اظهار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

پاڪ فوج جي ترجمان طرفان پي ايس ايل فائنل کيڏندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواشن جو اظهار


راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور  پي ايس ايل فائنل کيڏندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن اظهار ڪيو آهي.  ڊي جي آءِ ايس پي آر پاڪستان ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جاري ٿيندڙ گيتن جو ٽيون پرومو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جاري ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ هن پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن جو فائنل کيڏندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.  هن لکيو ته روشنين جو شهر،  پاڪستان زندا آباد . پاڪستان ڏهاڙي جي سلسلي ۾ جاري ڪيل ٽئين پرومو ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو ڪپتان سرفراز احمد ۽ پشاور زلمي جو ڪپتان ڊيرن سيمي به نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته ڪيرون پولارڊ، ڪرس جارڊن، شاهد آفريدي ۽ ٻيا رانديگر به ويڊيو ۾ پاڪستان زندا آباد جا نعرا هڻندي ڏسي سگهجن ٿا.

The post پاڪ فوج جي ترجمان طرفان پي ايس ايل فائنل کيڏندڙ ٽيمن لاءِ نيڪ خواشن جو اظهار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages