پيءُ کي سڄي رات … مريم نواز پريشان ڪندڙ ڳالهه ٻڌائي ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, March 12, 2019

پيءُ کي سڄي رات … مريم نواز پريشان ڪندڙ ڳالهه ٻڌائي ڇڏي


لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته پيءُ جي طبعيت ٺيڪ ناهي، کيس سڄي رات انجائنا جي شڪايت رهي. ڪوٽ لکپت جيل ۾ پيءُ سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ميان صاحب جي ذاتي ڊاڪٽر کي گڏ وٺي آئي هيس، پيءُ جي طبعيت بهتر ناهي. هن چيو ته نواز شريف جو بلڊ پريشر ذهني دٻاءَ سبب ٺيڪ ناهي، کيس سڄي رات انجائنا جي شڪايت رهي، ڊاڪٽر سندس دوائن ۾ تبديلي ڪئي آهي، هو صحت ۾ خرابي سبب خميس ڏينهن ملاقاتون نه ڪندو. پ پ چيئرمين جي حوالي سان پڇيل سوال تي مريم نواز جواب ڏيندي چيو ته مان ڪالهه به بلاول جا ٿورا مڃيا ۽ اڄ به مڃان ٿي، هو پيءُ سان عيادت لاءِ آيو هو ۽ ٻنهي ۾ بيماري تي ئي ڳالهه ٻولهه ٿي پر بلاول ڀٽو زرداري سان ميان صاحب جي سياسي گفتگو پڻ ٿي، ٻنهي ۾ ملاقات جي حوالي سان گفتگو جو وڌيڪ علم ناهي.

The post پيءُ کي سڄي رات … مريم نواز پريشان ڪندڙ ڳالهه ٻڌائي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages