اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا چيو آهي ته پاڪستان ڀارت کي ذميواري سان جواب ڏنو، خطي جي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي. اسلام آباد ۾ مستقبل جي امڪانن ۽ علائقائي رابطن تي ايس سي او عالمي ڪانفرنس رٿي وئي، جنهن ۾ ايس سي او رڪن ميمبرن جي سفيرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تهمينا جنجوعا چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، امن ۽ استحڪام سان ئي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، پلواما ۽ ان کانپوءِ پيش آيل اوقعن ۾ پاڪستان ذميواري جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان صبر ۽ ذميواري سان ڀارت کي جواب ڏنو آهي، ڇڪتاڻ دوران پاڪستان دوست ملڪن سان رابطي ۾ رهيو، جڏهن ته ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون. سندس چوڻ هو ته ان لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڳالهين ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل چاهي ٿو. تهمينا جنجوعا وڌيڪ چيو ته افغانين کي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي، ڳالهين ذريعي ئي افغانستان ۾ ڊگهو امن قائم ٿيندو، افغان امن ڳالهين ۾ پاڪستان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
The post ”پاڪستان ڀارت کي صبر ۽ ذميواريءَ سان جواب ڏنو“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment