ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا زارا شيخ ڊگھي عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر فلمن ۾ نظر ايندي. 2000ع ۾ فلم ”تيري پيار مين” ذريعي فلمن ۾ قدم رکندڙ سهڻي اداڪارا زارا شيخ پنهنجي پهرين فلم سان شوقينن جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. ان کان پوءِ زارا شيخ فلم“چلو عشق لڙائين” ۽ “لاج” سيمت ڪيترن فلمن ۾ نظر آئي پر ڊگھي عرصي کان زارا شيخ اسڪرين تان غائب هئي ۽ هاڻي سندس مداحن لاءِ سٺي خبر آهي ته زارا شيخ فلمن ۾ واپسي ڪري رهي آهي. اداڪارا زارا شيخ عيدالعضحٰي تي رليز ٿيندڙ فلم “هيرو مان جا” ۾ هڪ گاني تي پرفارم ڪندي نظر ايندي جڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته زارا شيخ فلم ۾ مختصر ڪردار به ادا ڪندي پر ان حوالي سان حتمي خبر سامهون ناهي آئي. واضح رهي ته زارا شيخ گذريل سال فلم “جيڪ پوٽ” ۾ مختصر ڪردار ۾ نظر آئي هئي.
The post زارا شيخ جي ڊگھي عرصي بعد فلمي دنيا ۾ واپسي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment