لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پنهنجي 10 سالن جي وڏ وزارت دوران هڪ ڏينهن به پگهار نه ورتي ۽ سمورا خرچ پنهنجي کيسا مان ادا ڪيا. لاهور ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي ڏيڍ سال اڳ اوپن هارٽ سرجري ٿي چڪي آهي، حڪومت سندس صحت جي سهولتن کي سنجيده نه وٺي رهي آهي، نواز شريف جي طبيعت ٺيڪ ناهي، حڪومت بدترين غفلت جو مظاهرو ڪري پئي، جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار حڪومت ۽ وزيراعظم هوندو. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير طور سرڪاري مراعتون حاصل نه ڪيون، طبي خرچ کيسي مان ادا ڪيا، پنجاب جي وڏي وزير لاءِ جيڪي مراعتون منظور ڪيون ويون اهي سمجهه کان ٻاهر آهن. سندس چوڻ هو ته وڏي وزير طور 10 سالن تائين پنهنجي ذاتي استعمال ڪندو رهيس، علاج لاءِ به سرڪاري پئسو استعمال نه ڪندو هيس، پنهنجي وڏ وزارت جي 10 سالن دوران هڪ ڏينهن به پگهار نه ورتي، سمورا خرچ پنهنجي کيسي مان ادا ڪيا. شهباز شريف چيو ته نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته سموري ذميواري عمران خان نيازي تي هوندي. هن چيو ته نواز شريف جي پنج سال اڳ اوپن هارٽ سرجري ٿي چڪي آهي، بلڊ پريشر ۽ شگر جو مريض به آهي، جيل ۾ سندس طبيعت ٺيڪ ناهي.
The post نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار عمران خان نيازي هوندو: شهباز شريف appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment