جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڪراچي مان اسلام آباد منتقل - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڪراچي مان اسلام آباد منتقل


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بئنڪنگ ڪورٽ ڪراچي جي جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻن جوابدارن کي نيب ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ ڪراچي مان گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي. ٻنهي جوابدارن کي جسماني رمانڊ لاءِ سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.  ذريعن موجب جوابدارن تي ڪلفٽن ۾ مندر ۽ لائبريري جا پلاٽ آصف زرداري جي فرنٽ مين کي ڏيڻ جو الزام آهي. حسن ميمڻ ڪميشن جو پئسو به جعلي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائيندو رهيو. نجم زمان ۽ حسن ميمڻ جو ڪراچي مان راهداري رمانڊ حاصل ڪيو ويو هو. ذريعن موجب گرفتار جوابدارن وٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي اهم ڄاڻ آهي.

The post جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ڪراچي مان اسلام آباد منتقل appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages