حڪومت ناتجربيڪار ئي نه پر نااهل به آهي: اياز صادق - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, March 17, 2019

حڪومت ناتجربيڪار ئي نه پر نااهل به آهي: اياز صادق


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته موجوده حڪومت رڳو نه ناتجربيڪار ئي نه پر نااهل به آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اياز صادق چيو ته سموري قوم ڏسي ڇڏيو آهي ته نواز شريف خلاف هلايل ڪيسن ۾ هڪ پائي ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي، اسان کي اميد آهي ته 19 مارچ تي نواز شريف جي ضمانت ٿي ويندي.  هن چيو ته هڪ مهينو اڳ سروسز اسپتال ۾ نواز شريف جي عيادت ڪئي، تنهن وقت کيس اسپتال آندي ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا هئا پر سندس دل جي مرض جو علاج شروع نه ڪيو ويو ۽ جنرل علاج ڪيو پئي ويو. اياز صادق چيو ته حڪومت طرفان جوڙيل بورڊن به نواز شريف جي دل جي ڳنڀير مرضن جي سڃاڻپ ڪئي پر حڪومت معاملي ۾ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن چيو ته  مخالفن بيگم ڪلثوم نواز شريف جي بيماري بابت به ساڳيون ڳالهيون ڪيون پر بعد ۾ کين معذرت ڪرڻي پئجي وئي، اسان جي دعا آهي ته الله ڪنهن تي به اهڙو وقت نه آڻي ۽ اسان کي ڪنهن جي به بيماري بابت اهڙي سياست نه ڪرڻ گهرجي. اياز صادق چيو ته حڪومت جي ستن مهينن جي ڪارڪردگي سڀني سامهون آهي، پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي کانپوءِ حڪومت جي بچت واري دعويٰ جي پت وائکي ٿي وئي آهي.

The post حڪومت ناتجربيڪار ئي نه پر نااهل به آهي: اياز صادق appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages