ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن اکين جي نظر کان محروم ڪوئن جي اکين ۾ هڪ جين داخل ڪري انڌائپ ختم ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي سائسدانن ريٽينا ۾ خرابي سبب نظر کان محروم ٿيندڙ مريضن لاءِ هڪ ڪامياب علاج دريافت ڪيو آهي. ان کان اڳ ان بيماري جو واحد علاج “اليڪٽرانڪ اک” لڳرائڻ هو جيڪو مهانگو هجڻ سان گڏو خطرناڪ به هو ۽ ان ۾ ڪاميابي جا امڪان به سٺا نه هئا. ماهرن اک جي ريٽينا ۾ هڪ اهڙي جين موجودگي جو پتو لڳايو جنهن کي ريٽينا مان ڪڍي vitreous ۾ داخل ڪيو وڃي ته نظر موٽي اچڻ جا امڪان گھڻا آهن. ايڊينو ايسوسيئيشن اينڊ وائرسس (AVV) جي انجينيئرن ان جين کي نظر کان محروم ڪوئن جي اکين جي پتلي جي لينس واري حصي vitreous ۾ داخل ڪيو ۽ حيران ڪندڙ طور تي ڪوئن ڏسڻ شروع ڪيو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان طريقي سان اکين جي روشني ايتري قدر بحال ٿي ويندي آهي جو انسان لکت کي به پڙهي سگھي ٿو، ڪوئن تي حوصلا افزائي ڪندڙ نتيجا حاصل ٿيڻ بعد سائنسدانن ان طبي عمل کي انسانن لاءِ فائديمند بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اميد آهي ته جلد اهو طريقو علاج مارڪيٽ ۾ موجود هوندو جنهن جي مدد سان اکين جي روشني يا نظر کان محروم ماڻهن جي اکين جي روشني بحال ٿي ويندي.
The post سائنسدانن انڌائپ ختم ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment