اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب رشوت وٺندي گرفتار ٿيل پوليس آفيسر کي پلي بارگين تي آزاد ڪري ڇڏيو. نيب رشوت وٺڻ جي الزام م گرفتار ٻارڙن جي دوائن جي پروگرام اي پي آءِ جي ڊائريڪٽر ثقلين گيلاني کي پلي بارگين ذريعي آزاد ڪري ڇڏيو. ثقلين گيلاني ڏوهه جو اعتراف ڪندي سڳ سميت پڪڙيل هڪ ڪروڙ 88 لک رپين جي رقم تي پلي بارگين جي درخواست ڪئي. ڄاڻايل رقم ٻارڙن جي دوائن جي پروگرام اي پي آءِ جي ڊائريڪٽر جي گهر مان هٿ ڪئي وئي. نيب ذريعن موجب جوابدار رشوت دوائن جو ٺيڪو من پسند ڪمپني کي ڏئي وصول ڪئي، جوابدار پلي بارگين ذريعي رقم نيب کي ادا ڪري ڇڏي آهي جنهن تي جوابدار کي پلي بارگين تي رقم جي ادائيگي تي آزاد ڪيو ويو آهي.
The post رشوت وٺندي سڳ سميت گرفتار اي پي آءِ جو ڊائريڪٽر پلي بارگين تي آزاد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment