پاڪستاني فنڪار مهوش حيات جي حق نعرا هڻڻ لڳا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

پاڪستاني فنڪار مهوش حيات جي حق نعرا هڻڻ لڳا


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ فنڪارن مهوش حيات کي ملندڙ سو اعزاز تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي سندس لاءِ ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. اداڪارا مهوش حيات کي جڏهن کان پاڪستان جو چوٿون وڏو سول اعزاز تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ٿيو آهي تڏهن کان سوشل ميڊيا واهپيدارن هن کي نشاني تي رکيو آهي. سوشل ميڊيا تي مهوش حيات کي تمغه امتياز ڏيڻ خلاف مهم هلي رهي آهي ۽ گھڻا ماڻهو ان ڳالهه تي حيرا آهن ته مهوش حيات آخر ملڪ لاءِ اهڙو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جو هن کي تمغه امتياز سان نوازيو پيو وڃي. پر پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليوارن فنڪارن مهوش سان ٻڌي جو اظهار ڪندي هن لاءِ ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. اداڪارا مهارا خان مهوش حيات کي تمغه امتياز ملڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو ته ماڻهن جو ڪم ڳالهايون ٺاهڻ آهي تنهنڪري ان کي نظر انداز ڪريو. راڳي شهزاد راءِ چيو ته اسان کي مهوش حيات تي فخر آهي، مبارڪ اٿو. اداڪارا  ارميان خان مهوش حيات کي مبارڪ ڏيندي لکيو ته آئون پنهنجين ساٿي اداڪائن سان گڏ آهيان. اداڪارا فهد مصطفيٰ  لڪس اسٽائل ايوارڊ تي تنقيد ڪندي چيو ته مهوش حيات توهان اهو ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ قابل آهيو ان ڪري توهان کي لڪس ايوارڊ نه مليو ڇو ته توهان ان کان وڏو اعزاز حاصل ڪرڻ جي قابل آهيو. ادڪار شان شاهد به مهوش حيات سميت ٻين فنڪارن خاص ڪري بابراعظم شريف، ريما خان کي سول اعزاز لاءِ نامزد ٿيڻ جي اعلان تي خوشي جو اظهار ڪيو. مشهور ڳائڻي حديقا ڪياني به مهوش حيات تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڏينهن هون ڏينهن برداشت ختم ۽ نفرت وڌي رهي آهي، سوشل ميڊيا جي ان دور ۾ سول اعزاز ملڻ جو تصور به نٿي ڪري سگھان. آئون 2006ع ۾ تمغه امتياز حاصل ڪيو هو، اهو وقت منهنجي لاءِ حيرت جوڳو هو ۽ گھڻي خوشي ٿي هئي، منهنجي پاڪستان سان محبت کي تسليم ڪندي مونکي ان اعزاز سان نوازيو ويو هو. آئون ماڻهن جي تنقيد باوجود پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جاري رکيو  پر هر سال اسان جي ملڪ ۾ نفرت وڌي رهي آهي. جڏهن اسان محبت ورهائي سگھون ٿا ۽ پنهنجي هم وطنن جي ڪاميابين تي هنن جي ساراهه ڪري سگھون ٿا ته اسان ڇو نفرت پکيڙڻ بندڇو نٿا ڪريون. پنهنجي ماڻهن جي سٺي ڪم جي پذيرائي ڪريو ۽ هنن جي حوصلا افزائي ڪريو ۽ ماضي کي پوئتي ڌڪيندي پنهنجي ملڪ ۾ ٻڌي قائم ڪريو. واضح رهي ته اداڪارا مهوش حيات کي شوبز انڊسٽري ۾ خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ 23 مارچ تي تمغه امتياز سان نوازيو ويندو.

The post پاڪستاني فنڪار مهوش حيات جي حق نعرا هڻڻ لڳا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages