راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ۾ فوجي ٽوپيون پائي شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان هلندڙ مهم تي پاڪ فوج جي ترجمان ردعمل ڏيندي چيو آهي ته راند سياست کان الڳ هوندي آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف هوم سيريز جي ٽين ون ڊي ميچ ۾ فوجي ٽوپيون پائي شرڪت ڪئي هئي، جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کان ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري به ڀارتي قدم جي مذمت ڪندي چيو هو ته راند کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. هاڻ سوشل ميڊيا تي به ان حوالي سان باقاعدي طور مهم شروع ٿي وئي آهي ته پي ايس ايل فائنل فوجي ٽوپيون پائي کيڏيو وڃي ۽ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي. ان جي ردعمل ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پيارا پاڪستاني پي ايس ايل فائنل ۾ فوجي ٽوپيون ۽ شرٽون ڏسڻ چاهين ٿا، پاڪ فوج پاڪستانين جي محبت ۽ حمايت جو قدر ڪري ٿي پر راند سياست کان الڳ هوندي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان جو اتحاد اهڙي خير سگالي جذبي کان به وڌيڪ آهي، روشنين جي شهر ۾ راند مان لطف اندوز ٿيو.
The post پي ايس ايل فائنل ۾ فوجي ٽوپيون پائي شرڪت ڪرڻ جو مطالبو… ڊي جي آءِ ايس پي آر وڏو بيان ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment