اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت خارج ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. نيب جي خاص پراسيڪيوٽر اڪرم قريشي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. نيب پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ حقيقتن جي ابتڙ شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شهباز شريف آشيانا هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ قومي ناڻي کي نقصان رسايو، جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير رمضان شوگر ملز ڪيس ۾ به قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. نيب موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف اختيار اورانگهيا ۽ گڏوگڏ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ طرفان شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.
The post شهباز شريف لاءِ خراب خبر سامهون اچي وئي… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment