صوابي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد واقعي جي مذمت ڪندي نيوزيلينڊ جي هم منصب کي تعزيتي خط لکيو آهي. صوابي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته نيوزيلينڊ ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪيون ٿا، نيوزيلينڊ جي اسپيڪر کي تعزيتي خط موڪليو آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا تي واضح ٿيڻ گهرجي ته دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان واسطو ناهي هوندو، خطرو آهي ته يورپ ۾ ماڻهو انتهاپسندي ڏانهن وڌي رهيا آهن، عالمي دنيا کي ان حوالي سان سوچڻو پوندو.
The post ڪرائسٽ چرچ حملو: اسد قيصر خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment