جعلي اڪائونٽس ريفرنس تي اعتراض،نيب کي واپس - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, March 18, 2019

جعلي اڪائونٽس ريفرنس تي اعتراض،نيب کي واپس


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت جي رجسٽرار جعلي اڪائونٽس ريفرنس تي اعتراض داخل ڪندي ڪيس نيب کي واپس ڪري ڇڏيو. نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جو رڪارڊ ڪراچي مان اسلام آباد جي احتساب عدالت منتقل ڪري ڇڏيو آهي.  نيب ريفرنس داخل ڪرڻ ۾ ايتري تڪڙ جو مظاهرو ڪيو جو بي ترتيب رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو. ذريعن موجب جعلي اڪائونٽس ريفرنس ۾ ڪيترائي صفحا ۽ موجود نه آهن. ريفرنس لاءِ آندل اسڪروٽني ۽ صفحن جي ترتيب ئي درست ناهي. احتساب عدالت جي رجسٽرار جعلي اڪائونٽس ريفرنس تي اعتراض داخل ڪندي ڪيس نيب کي واپس موڪلي ڇڏيو آهي. رجسٽرار جعلي اڪائونٽس ڪيس ريفرنس اعتراض سان گڏ وصول ڪيو هو.

The post جعلي اڪائونٽس ريفرنس تي اعتراض،نيب کي واپس appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages