لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي 2 ڀيرا معاف ڪيو پر هاڻي ٽيون ڀيرو معاف نه ڪندس. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ آصف زرداري کي اين آر او گهرندي نه ڏٺو آهي پر شهباز شريف کي اين آر او گهرندو ڏٺو آهي، شهباز شريف پنهنجي لاءِ اين آر او ورتو يا نه ڪا خبر ناهي، هو وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏڻ ڄاڻندو آهي، ساڻس اين آر او گهرڻ جي معاملي تي مناظرو ڪري سگهان ٿو، هارائي ويس ته سياست ڇڏي ڏيندس. هن چيو ته عمران خان ڊيل يا ڍر جي ڪابه گنجائش ناهي، چور،ڌاڙيل ۽ ڦورو منهن لڪائي گهمي رهيا آهن، هي ماڻهو حڪمران هجن ته ٽارزن بڻجي گهمندا آهن پر چار ڏينهن به جيل ۾ نه ٿا رهي سگهن. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائرن کي پاڪستان جون دائون پسند نه آهن، نه ڊاڪٽر ۽ نه وري اسپتال وڻن ٿا، سندن هڪ ئي مسئلو آهي ته کين ضمانت ملي وڃي، پ پ وارا چاهين ٿا ته سندن سمورا ڪيس سنڌ ۾ هلن، جڏهن ته مسلم ليگ ن وارا چاهين ٿا ته سندن ڪيس لاهور ۾ هلن. شيخ رشيد چيو ته پ پ ۾ سٺا ماڻهو آهن، بختاور منهنجي نياڻي وانگر آهي، سندس ڳالهه جو جواب نه ڏيندس، مان بلاول کي ٻه ڀيرا معاف ڪيو پر هاڻي ٽيون ڀيرو معافي نه ڏيندس.
The post شهباز شريف کي اين آر او گهرندي ڏٺو آهي: شيخ رشيد جي دعويٰ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment