پنجاب حڪومت مريم نواز کي والد سان ملاقات کان روڪي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

پنجاب حڪومت مريم نواز کي والد سان ملاقات کان روڪي ڇڏيو


لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز چيو آهي ته منهنجي والد جي طبيعت ٺيڪ ناهي، مان ساڻس ملڻ چاهيان ٿي پر مون کي ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي.  پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته منهنجي والد جي طبيعت ٺيڪ ناهي، مان ساڻس ملڻ چاهيان ٿي پر اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته لاڳاپيل اختيارين ٻڌايو ته سندس نواز شريف سان ملاقات نه ٿا ڪرائي سگهن، ان سلسلي ۾ هو بيوس آهن،  نواز شريف سان ملاقات جي اجازت سڌو پنجاب حڪومت ڏيندي آهي.  مريم نواز چيو ته زندگي مڪافات عمل جو نالو آهي، جيڪو توهان پوکيندا آهيو اهو ئي لڻڻو پوندو آهي.

The post پنجاب حڪومت مريم نواز کي والد سان ملاقات کان روڪي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages