لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ اسڪولن ايجوڪيشن کاتي اسڪولن کي ڊيجيٽل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو خط سڀني ايڊيشنل ايجوڪيشن آفيسرن (اي اِي اوز) کي موڪليو ويو آهي. اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان جاري ڪيل خط ۾ سڀني ايڊيشنل آفيسرن کي روزانو هڪ اسڪول جي وزت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اي اِي او پنهنجي دوري جا تفصيل هر مهيني لاڳاپيل ڊي اِي او کي جمع ڪرائيندو. اي اِي او روزانو هڪ اسڪول وزٽ ڪندو ۽ صبح 8:30 کان 2:30 تائين اسڪول ۾ موجود رهندو. اسڪول ايجوڪيشن کاتي هدايت ڪئي آهي ته هر اي اِي او 8:30 وڳي اسڪول اسيمبلي ۾ حاضر ٿي استادن ۽ شاگردن جون تصويرون ڊي اِي او کي موڪليندو. سڀئي اي اِي او ۽ ڊي اِي او پنهنجن اسڪولن ۾ ڊيوٽي ڏيندا ۽ 4 وڳي کان بعد پنهنجي آفيس ۾ ويهي سڀئي خط مڪمل ڪندا. اسڪول ايجوڪيشن کاتي خط ۾ واضح هدايت ڏني آهي ته موڪل جو ڪو به عذر قبو ڪرڻ جوڳو نه هوندو، سڀئي لاڳاپيل هدايتن تي عمل ڪندا. عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت محڪماڻي ڪاروائي ڪئي ويندي.
The post پنجاب حڪومت اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي ڊيجيٽل ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment