نيب مان تنگ ٿي پاڪ فوج جي رٽائرڊ برگيڊيئر آپگهات ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

نيب مان تنگ ٿي پاڪ فوج جي رٽائرڊ برگيڊيئر آپگهات ڪري ڇڏيو


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج مان رٽائرڊ برگيڊيئر ۽ دفاعي تجزئي نگار اسد منير آپگهات ڪري ڇڏيو.  اسد منير جو لاش ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سندس رهائشگاهه مان پکي مان لٽڪيل مليو آهي جنهن کي پوليس تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسد منير خلاف نيب جاچ جي منظوري ڏني ۽ ان حوالي سان اسد منير تمام گهڻو پريشان هو، نيب طرفان مٿس الزام هنيو ويو ته اسد منير ايف اليون ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پلاٽ بحال ڪرايو.  اسد عمر آپگهات کان اڳ هڪ خط به لکيو جيڪو رات 12 وڳي کانپوءِ لکيو ويو آهي. خاندان ذريعن موجب اسد منير نيب جي پنهنجي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ تي ميڊيا جي رپورٽ تي ڪافي پريشان هو. گذريل ڏينهن هن پنهنجي گهرواري کي چيو هو ته هي نيب منهنجو پيڇو ڇو نه ڇڏي رهي آهي جنهن بعد سمهڻ هليو ويو ۽ صبح سندس لاش پکي ۾ لٽڪيل مليو.

The post نيب مان تنگ ٿي پاڪ فوج جي رٽائرڊ برگيڊيئر آپگهات ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages