ننڊ جو عالمي ڏهاڙو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

ننڊ جو عالمي ڏهاڙو


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان کي خبر آهي ته اسان پنهنجي زندگي ۾ پنهنجين بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ان وقت ڪري سگھندا آهيو جڏهن اسان رات جو سڪون واري ننڊ ڪندا آهيون ۽ ننڊ جي کوٽ جو شڪار نه ٿيو؟ سڪون واري ننڊ جي ان اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هر سال جيان اڄ يعني مارچ جي ٽين جمعي تي ننڊ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڊ پوري نه ٿيڻ سان سڀ کان پهريون اثر توهان جي جسماني توانائي ۽ دماغي ڪارڪردگي تي پوندو آهي. ننڊ جي کوٽ سان توهان سموري ڏينهن ٿڪ ۽ سستي جو شڪار رهندو. توهان پنهنجو ڪم ٺيڪ طريقي سان انجام نه ڏئي سگھندو، نه ئي تخليقي خيال سوچي سگھندو. اهو ئي نه پر ننڊ جي کوٽ توهان کي بدمزاج ۽ چڙچڙو به بڻائي سگھي ٿي. ڊگھي عرصي تائين ننڊ جي کوٽ جو شڪار رهندڙ ماڻهو، ٿولهه، ڊپريشن، شوگر، ذهني دٻاءَ ۽ دل جي مرضن جو شڪار ٿي ويندا آهن. اڄ اسان توهان کي ان جي سببن کان آگاهه ڪري رهيا آهيو جيڪي توهان جي سڪون واري ننڊ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن.

ٽي وي ۽ موبائل جو استعمال:

اڄ جي ان ترقي يافتا دور ۾ هر شخص باخبر رهڻ پسند ڪندو آهي. ٽي وي، سمارٽ فون، ڪمپيوٽر ذريعي اسان دنيا جي هر ڪا خبر ڄاڻي سگھندا آهيون. پر حقيقت ۾ اها شيءِ اسان جي ننڊ کي سب کان گھٽو متاثر ڪندي آهي. ٽي وي ۽ فون جي روشني دماغ کي سرگرم رکندي آهي ۽ دماغ ڏينهن موجب سڀني فعل سرانجام ڏيندو آهي. اوندهه ۾ اسان جي دماغ ۾ هڪ هارمون ميلاٽونين سرگرم ٿي ويندو آهي جيڪو ننڊ آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏهن اسان سمهڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ ٽي وي يا موبائل فون بند ڪري ڇڏيون ته اسان سڪون واري ننڊ سمهي سگھون ٿا.

رات جو مصالحي وارا کاڌا کائڻ:

را ت جو 8 وڳي کان پوءِ مصالحي وارا کاڌا به آرام ڏيڻ ڏيندا آهن ۽ توهان جو جسم سڪون واري حالت ۾ هليو ويندو آهي. طبي ماهرن موجب جيڪڏهن رات جو توهان کي بک لڳي رهي هجي ته هڪ صوف، يا هڪ گلاس هلڪو گرم کير بهترين خوراڪ آهي.

ڪافي کان پاسو ڪرڻ:

شام کان بعد ڪافي کان پاسو ڪريو. ڪافي ۾ موجود ڪيفين دماغ کي جاڳائي ڇڏيندو آهي ۽ ان جو اثر 12 ڪلاڪن تائين رهندو آهي. اهو رڳو دماغ کي ئي نه پر ننڊ دوران به خلل پيدا ڪندو آهي.

ماني کائي سمهڻ:

منهجهند جي ماني کائي سمهڻ فائديمند آهي پر اهو مختصر ۽ صحيح وقت تي ٿيڻ گھرجي. جيڪڏهن توهان منجهند کان پوءِ سمهندو يا گھٽي ننڊ ڪندو ته توهان جي رات جي ننڊ تي اثر پوندو. شام جو جيڪڏهن توهان ٿڪ محسوس ڪري رهيا آهيو ته جم وڃڻ ننڊ ڀڄائڻ جو بهترين حل آهي.

ننڊ نه اچڻ جي صورت ۾ ڇا ڪجي؟:

جيڪڏهن توهان کي ننڊ نٿي اچي ته توهان ڪمري کان ٻاهر نڪري گيلري يا ڪنهن ٻي ڪمري ۾ هلڪي روشني ڪري ويهي رهو. ننڊ آڻڻ جو سڀ کان بهترين نسخو ڪو ڪتاب پڙهڻ يا هلڪي موسيقي ٻڌڻ آهي. ان لاءِ روحاني طريقو به استعمال ڪري سگھو ٿا. عبادت روحاني طور تي سڪون ڏيندي آهي ۽ جسم ۽ دماغ کي آرام پهچائيندي آهي. جيڪڏهن توهان رات جو بي سڪون ننڊ ڪندا آهيو ۽ ايندڙ صبح جو ٿڪ ۽ ننڊ محسوس ڪري رهيا آهيو ته ٿڌي پاڻي سان غسل ڪريو، هلڪو پنڌ ڪريو ۽ ڀرپور ناشتو ڪريو. اهو ڪم توهان کي سمورو ڏينهن ڦڙت رهندو.

The post ننڊ جو عالمي ڏهاڙو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages