
سنڌ حڪومت پاران موهاٽا پئلس ۾ پي ايس ايل ٽيمن، مالڪن ۽ پي سي بي عھديدارن ۽ چيئرمين جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍائي مانُ ڏنو
وڏي وزير چيو تھ سمورين پي ايس ايل ٽيمن ۽ ٻين مھمانن کي ڀليڪار چوندي خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان.
ھن چيو تھ ڪرڪيٽ جي حوالي سان سمورن پاڪستانين ۾ ھڪ جوش ۽ جذبو آھي.
اوھان (رانديگر، ڪوچز ۽ ٻين پرڏيھن) جي ڪراچيءَ ۾ موجودگي ھن شھر تي اوھان جي اعتماد جو مظھر آھي
آجياڻي واري تقريب ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي
رپورٽ: عارف نائچ
The post رپورٽ| سنڌ حڪومت پاران پي ايس ايل ٽيمن ۽ پي سي بي عھديدارن جي مانُ ۾آجياڻو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment