پنجاب اسيمبلي ميمبر پگهار وڌرائڻ جي چڪر ۾… - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, March 12, 2019

پنجاب اسيمبلي ميمبر پگهار وڌرائڻ جي چڪر ۾…


لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي جو بل گڏيل طور منظور ڪيو ويو. بل ۾ پگهار 83 هزار مان وڌيڪ لڳ ڀڳ ٻه لک رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بل ۾ اسيمبلي ميمبرن جي بنيادي پگهار 18 هزار رپين مان وڌائي 80 هزار رپيا ماهوار، جڏهن ته ڊيلي الائونس هڪ هزار مان وڌائي 4 هزار، هائوس رينٽ 29 هزار مان وڌائي 50 هزار رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. يوٽيلٽي الائونس 6 هزار مان وڌائي 20 هزار، جڏهن ته مهمان داري جو ماهوار الائونس 10 هزار مان وڌائي 20 هزار رپيا ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. هن وقت اسيمبلي ميمبرن کي 83 هزار رپيا ماهوار پگهار ۽ مراعتون ملي رهيون آهن. نئين بل جي منظوري کانپوءِ ميمبرن کي 192000 رپيا پگهار ۽ مراعتون ملنديون. بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن طرفان گڏيل طور منظوري ڏني وئي، جيڪو اسپيڪر اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪميٽي بل جي منظوري ڏئي ٻيهر ايوان کي حتمي منظوري لاءِ موڪليندي.

The post پنجاب اسيمبلي ميمبر پگهار وڌرائڻ جي چڪر ۾… appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages