ايان علي ڪيس: ضامن ۽ شاهد پيش نه ٿيا ته گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا: عدالت - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

ايان علي ڪيس: ضامن ۽ شاهد پيش نه ٿيا ته گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا: عدالت


راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ايان علي خلاف ڪرنسي سمگلنگ ڪيس ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ضامن ۽ شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ اڄ جج غضنفر علي خان ڊيوٽي جج طور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪسٽم پراسيڪيوٽر، ڪيس جا شاهد ۽ ٻئي ضامن عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد ۽ ضامن پيش نه ٿيا ته انهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

The post ايان علي ڪيس: ضامن ۽ شاهد پيش نه ٿيا ته گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا: عدالت appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages